سڄاڻ جون سمرتيون

سڄاڻ جون سمرتيون

سڄاڻ جون سمرتيون

سڄاڻ جون سمرتيون

سڄاڻ جون سمرتيون

سڄاڻ جون سمرتيون (ڪتاب): نامور ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو هي ڪتاب سندس چاچي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم، ناٽڪ ڪار، شاعر ۽ محقق منگھارام ملڪاڻيءَ جي سمرتين (يادگيرين) تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ريٽا شهاڻيءَ، پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ سان گڏ گذاريل ڪجھه ڏينهن جو چٽ چٽيو آهي. ڪتاب ۾ چاچي ڀائيٽيءَ واري سنٻند سبب سڀاويڪ طور ملڪاڻي صاحب ۽ ريٽا شهاڻيءَ جي گھرو حالتن جو عڪس به موجود آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي هن عظيم هستيءَ جا ڪي نوان رخ به پسايا ويا آهن ۽ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان حقيقتون پيش ڪيون ويون آهن. ڪتاب جو مهاڳ ريٽا شهاڻيءَ خود لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت نارائڻ ڀارتيءَ مختصر نوٽ لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 98 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر، 1990ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو سڌاريل ڇاپو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي تفصيلي مهاڳ سان، سنڌ ۾ ڪويتا پبلشرز، حيدرآباد طرفان موهن مدهوش، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي 118 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي. هن ٻئي ڇاپي ۾ ريٽا شهاڻيءَ خاندان جون رنگين تصويرون به شامل ڪيون آهن ۽ ڪتاب ۾ برک دانشور ۽ ترقي پسند اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جا تاثرات به شامل ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو